خواجائي، شوڪت

خواجائي، شوڪت

خواجائي شوڪت

خواجائي، شوڪت: ناليوارو محقق شوڪت خواجائي 10 آگسٽ 1956ع تي ڪراچيءَ ۾ لطيف بخش خواجائيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. 1972ع ۾ گورنمينٽ ميونسپل هاءِ اسڪول پراڻي سکر مان مئٽرڪ ڪيائين. 1975ع ۾ عطا حسين شاهه ڊگري ڪاليج روهڙيءَ مان انٽر ۽ 1978ع ۾ اسلاميه ڪاليج سکر مان بي. اي ڪيائين. 1980ع ۾ شادي ڪيائين. شوڪت خواجائي 1972ع ۾ مئٽرڪ دوران ’سنڌ آزاد ماروئڙا فيڊريشن‘ ۾ شامل ٿيو، جيڪا تنظيم اڳتي هلي سپاف ۾ ضم ٿي. ان حيثيت ۾ هن اخبارن ۾ سائين
جي. ايم. سيد جي آزاديءَ جي گهُر ۽ بلوچستان ۾ فوجي ايڪشن روڪڻ جا مطالبا ڪيا، جنهنڪري وقت جي حڪومت کيس گرفتار ڪري ڪجهه ڏينهن روهڙي ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ رکيو، ان کان پوءِ سندس قومپرست سياست سان ويجهڙائي ٿي. شوڪت خواجائيءَ، 1978ع کان باقاعدي لکڻ شروع ڪيو. سندس پهرين تحرير روزاني اخبار ’هلال پاڪستان‘ ۾ ڇپي. 1983ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سکر شاخ جو ميمبر ٿيو، جتي سنگت جي گڏجاڻين ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ تاريخي شخصيتن تي مضمون ۽ مقالا تنقيد لاءِ پيش ڪندو رهيو. 1994ع کان ’جاڳرتا فورم‘ سکر سان پڻ سندس لاڳاپو رهيو ۽ هن فورم پاران ستين جي آستان ۽ ’خواجه خضر جي آستان‘ بابت هڪ مذاڪرو ڪرايائين. شوڪت خواجائيءَ کي تاريخي مقبرن ۽ قديم ڏندڪٿائن تي تحقيق سان ڪافي دلچسپي رهي. هي هسٽاريڪل سوسائٽي سکر جو ميمبر رهيو. سندس هيٺيان ڪتاب شايع ٿيل آهن:
(1) ڳالهيون منهنجي سنڌ جون (1999ع) (2) سوانح حيات- حضرت مڪي شاهه رح (3) مرڻ ناهي مهڻو. جڏهن ته سندس اڻڇپيل ڪتابن ۾ ’روهڙيءَ جي عزاداري‘ شامل آهي.شوڪت خواجائي تاريخي ماڳ ’ستين جي آستان‘ جي سنڀال لاءِ جاکوڙيندو رهيو ۽ ان جي ايراضي تي قابض ڌرين خلاف لکندو رهيو. خانداني حوالي سان ان ماڳ جي سنڀال جيئن ته شوڪت خواجائي ڪري رهيو هو، ان ڪري ڪن مخالف ماڻهن کي اها ڳالهه پسند نه هئي ۽ اهي نه رڳو هن تاريخي ماڳ تي قبضي لاءِ ڪوشان رهيا، پر هنن 10 مئي 2011ع تي، شوڪت خواجائيءَ تي سندس گهر جي دريءَ مان تيزاب اُڇلايو، جنهن ۾ سندس چهرو ۽ جسم ڪافي حد تائين سڙي ويا. سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ هڪ مهيني تائين سندس علاج هليو، ثقافت کاتي سنڌ سندس مالي مدد به ڪئي، پر هو بچي نه سگهيو ۽ 24 جون 2011ع تي وفات ڪري ويو. کيس ستين جي آستان روهڙي لڳ قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.08.10  عيسوي

ناليوارو محقق شوڪت خواجائي 10 آگسٽ 1956ع تي ڪراچيءَ ۾ لطيف بخش خواجائيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو.


2011.06.24  عيسوي

شوڪت خواجائي 24 جون 2011ع تي وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خوارزمي محمد بن موسيٰ
جوڻيجو مائي ڪالر
اقبال ٿيٻو
ميان عبدالرحيم درس
ٽهل ايسرداس ڪيسواڻي
پير عبدالحئي نقشبندي
سيد شبير احمد شاهه
خواجه احمد دمائي
جميعل شاهه ڏاتار
شير محمد خان نائچ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون